اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ آمريڪا جي عوام جي ??چ ۾ رابطا وڌائي ٻنهي ملڪن جي ??چ ۾ لاڳاپن جي ??روغ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، پاڪستان سيڙپڪاري جي ??اءِ انتهائي موزون ملڪ آهي، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي ??عاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪرد??ر ادا ڪري رهيا آهن. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ناليواري پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جي ??فد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. پاڪستاني آمريڪي ڪاروباري شخصيتن جو وفد هن وقت پاڪستان جي دوري تي آهي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستاني نه رڳو آمريڪا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن پر پاڪستان جي ??عاشي ترقي ۾ پڻ اهم ڪرد??ر ادا ڪري رهيا آهن، آمريڪا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ??اڪ آمريڪا لاڳاپن جي ??ضبوطي جي ??اءِ اڻٿڪ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان معدنيات جي دولت سان مالامال آهي، پاڪستان جي آبادي جي اڪثريت نوجوانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان معاشي لحاظ کان خطي ۾ اهم جاگرافيائي مقام تي موجود آهي، انهن سمورن عملن جي ڪري پاڪستان سيڙپڪاري جي ??اءِ انتهائي موزون ملڪ آهي. هن وفد کي تازو ئي قائم ڪيل خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) بابت پڻ آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل ”هول آف دي گورنمينٽ“ حڪمت عملي تحت پاڪستان ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جو فروغ يقيني بڻائيندي، ڪائونسل زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، کاڻين جي کوٽائي، معدنيات، توانائي ۽ دفاع جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيندي. هن چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان ۾ سيڙپڪارين کي ون ونڊو سهولت فراهم ڪندي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته پرڏيهي آفيس ۽ پاڪستاني مشن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان پنهنجي رابطن کي تيز ۽ م??ثر بڻائين. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي ??اڳاپن کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي ??اءِ گڏيل تعاون جي ??ئين شعبن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي عوام جي ??چ ۾ رابطا وڌائي پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي ??روغ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وفد جي ??يمبرن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ملاقات جو موقعو ڏيڻ ۽ شاند??ر استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وفد وزيراعظم کي پاڪ آمريڪا واپاري لاڳاپن جي ??روغ لاءِ پنهنجي ??دمن کان آگاهه ڪيو. وفد جي شرڪت ڪندڙن چيو ته پاڪستان جي ??اءِ بي پناهه محبت اسان جي دلين کي هڪ ڪري ٿي. وفد جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي ??ختلف شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو پڻ اظهار ڪيو.