اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گذريل دور ۾ هڪ نلڪو هڻي ان جي تشهير ڪئي ويندي رهي، اڳوڻي حڪومت ملڪ کي معاشي بدحالي ج?? شڪار ڪيو، اڄ بالٽي، دٻي ۽ ڪنستر هڻي عدالت پيش ٿيندڙ عوام سان اکيون نه ٿو ملائي سگهي، وزيرا??ظم محمد شهباز شريف 15 مهينن جي مختصر عرصي ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، معاشي بدحالي کي معاشي استحڪام ۾ بدلايو، بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي، ان منصوبي ج?? مڪمل ٿيڻ سان ڪليات، ڪشمير ۽ مريءَ جا ماڻهو وزيرا??ظم کي سڄي عمر دعائون ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن بهاره ڪهو باءِ پاس منصوبي ج?? افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف، حنيف عباسي، طارق فضل چوڌري، سي ڊي اي چيئرمين سميت ٻيا موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ اسان ملڪ ۾ ترقي ج?? سفر ڇڏي ويا هئاسين، ملڪي معيشت 6.3 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪري رهي هئي ۽ جڏهن هاڻي 2022ع ۾ ٻيهر اقتدار ۾ آياسين ته ملڪ معاشي بدحالي ج?? شڪار ٿي چڪو هو. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف ڏينهن رات محنت ڪري پاڪستان جي عوام کي ريليف ڏنو ۽ معاشي بدحالي کي معاشي استحڪام ۾ بدلايو. هن چيو ته شهباز شريف جڏهن پنجاب جو وڏو وزير هو ته هن سڄي پنجاب ۾ روڊن جو ڄار وڇايو، اسپتالون ٺا??يو??، يونيورسٽيون ٺا??يو??، ڏکڻ پنجاب ۾ ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ته ان وقت اسان چوندا هئاسين ته اهڙو لينڊ اسڪيپ اسلام آباد ۾ ڇو نه ٺهي سگهيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو پنهنجي ڳوٺ ڀورڀن وڃڻ جي لاءِ انهي روڊ ذريعي گذرندي هئي، بهاره ڪهو جو رستو انتهائي مشڪل رستو هو، وزيرا??ظم اهو ڪم ڪيو آهي ج??هن تي سڄي عمر ڪليات، ڪشمير، مري جا ماڻهو کيس دعائون ڏيندا رهندا، ان رستي تان مريض به گذرن ٿا، نوجوان ۽ مزدور به، هتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ايمبولنسون رڪيل هونديون ??يو??، شديد ٽريفڪ جام جا مسئلا هئا، مري وڃڻ جي لاءِ بهاره ڪهو جو رستو ڪنهن اذيت کان گهٽ نه هو، 10 مهينن جي مختصر مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ٿيو. هن چيو ته اسلام آباد مريءَ ۽ لاڳاپيل علائقن مان انهي رستي سفر ڪندا آهن. وفاقي وزير چيو ته نواز شريف جڏهن وزيرا??ظم هو ته هن سرينگر هاءِ وي، اسلام آباد ايڪسپريس وي، مريءَ ايڪسپريس وي، ايئرپورٽ ٺاهيا، انهي تسلسل کي قائم رکندي وزيرا??ظم شهباز شريف اقتدار ۾ ايندي ئي پهر??ن 15 ڏينهن اندر بليو بس، اورينج بس ۽ ميٽرو بس سروس جي شروعات ڪئي، اڄ اسلام آباد جي اندر ڪو اهڙو روٽ نه آهي ج??ڪو راولپنڊي، مريءَ ۽ اسلام آباد کي پاڻ ۾ نه ڳنڍيندو هجي. اڄ ايئرپورٽ تائين ميٽرو بس ذريعي آسان پهچ موجود آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي هر شهري، هر شاگرد ۽ هر مزدور وٽ ميٽرو بس جي سهولت ۾ عزت واري سواري موجود آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته بالٽي، دٻو ۽ ڪنستر لڳائي عدالت ۾ پيش ٿيندڙ عوام سان اکيون نه ٿا ملائي سگهن، گذريل دور ۾ هڪ نلڪو هڻي مشهوري ڪئي ويندي هئي، انهن ماڻهن چئن سالن ۾ ملڪ کي معاشي تباهي طرف ڌڪيو. هن چيو ته وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت 15 مهينن جي مختصر مدي ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، پاڪستان کي ڊيفالٽ کان بچايو، پاڪستان جو ماس ٽرانزٽ سسٽم هجي يا ڪو ترقياتي منصوبو، اهي پاڪستان جي عوام لاءِ وزيرا??ظم جي نيت ۽ خدمت جون نشانيون آهن.