اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پ?? پي) نيشنل آءِ ٽي سي??ينار ۽ آءِ ٽي منصوبا سڀاڻي خميس ڏينهن جاري ٿيندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف خاص مهمان ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير اعزازي مهمان هوندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سي??ينار ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن، ناڻي، دفاع، د??اع?? پيداوار، پرڏيهي معاملن، انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيلي ڪم??ون??ڪشن، اطلاعات ۽ نشريات وارا وزير شرڪت ڪندا. سي??ينار ۾ پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جا وڏا وزير، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، فيڊرل بورڊ آف روينيو جو چيئرمين، آءِ ٽي ماهر، سي??يئر آرمي ۽ سول آفيسر شرڪت ڪندا. نار ملڪن، چين ۽ گڏيل عرب امارات مان انڊسٽري ليڊرز ۽ سفارتڪارن سميت اهم پرڏيهي شخصيتون پڻ شرڪت ڪنديون. سي??ينار جو اهتمام خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) تحت ڪيو پيو وڃي. نيشنل آءِ ٽي سي??ينار جو مقصد آءِ ٽي جي ترقي جي لاءِ سازگار ماحول کي فروغ ڏيڻ جو گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي ڪوششن کي گڏ ڪرڻ آهي. سي??ينار علم تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ ۽ ملڪ جي پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. آءِ ٽي انڊسٽري جي بي پ??اهه صلاحيت آٽوميشن، ڊيجيٽلائيزيشن، بزنس پروسيس ري انجنيئرنگ (بي آر پي) ۽ مصنوعي ذهانت جي انضمام جي ذريعي ٻين صنعتن کي پڻ سگهه ڏئي سگهجي ٿي. سي??ينار ۾ آءِ ٽي سيڪٽر تي نئين بجيٽ اثرن، صنعتي منظرنامي، آءِ ٽي روانگي واپار کي مختصر کان وچولي مدي تائين وڌائڻ جي قدمن تي غور ٿيندو. سي??ينار ۾ گهربل مهارتن جي ترقي، پرڏيهي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي ڪوششن، ڪاروباري ادارن ۽ اسٽارٽ اپس کي درپيش مسئلن تي پڻ تفصيل سان روشني وڌي ويندي. پاليسين جي تسلسل ۽ ڪاروباري آساني تي ايس آئي ايف سي جي اثرن کي پڻ اجاگر ڪيو ويندو. سي??ينار ۾ پاڪستان جي وڏي آءِ ٽي ڪمپنين جي اسٽالز جي نمائش ٿيندي. سي??ينار ۾ ڊيسٽي نيشن پاڪستان، ٽيڪ لفٽ بوٽ ڪئمپ، باغ جي عورتن لاءِ پهريون ناليج پارڪ (اي جي اينڊ ڪي)، ايگري ٽيڪ انڪيوبيٽر فيصل آباد ۽ سي??ٽر آف ايڪسي لينس ان گيمنگ اينڊ ايني ميشن پڻ شامل هوندا.