اسلام آباد-30 جون (اي پي پي) پاڪستان جي مختلف علا??قن ۾ ڪنگ سلم??ن رليف سينٽر طرفا عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 1700 رڍن جي قرباني جو ب??دو??ست ڪيو ويو، جڏهن ته حقدار ۽ مت??ثر ماڻهن ۾ عيد جي ڏينهن قربانيءَ جو گوشت ورهايو ويو. سعودي عر?? جي سفارتخاني طرفان جاري بيان مطابق هن پروگرام تحت ڪي پي ڪي جي 6 ضلعن نوشهره، ڊي آءِ خان، سوات، دير اپر، ڪوهستان، مردان ۽ چارسده ۾ قربانيءَ جو گوشت ورهايو ويو. هي پروگرام نيشنل ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽي، مقامي حڪومت ۽ مقامي اين جي اوز جي تعاون سان ڪيو پيو وڃي، جنهن سان پاڪستان ۾ 79331 کان وڌيڪ ماڻهو مستفيد ٿيندا.