اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 1200 ميگاواٽ جو چشما فائيو نيوڪليئر پاور پلانٽ معاهدو پاڪ چين ڊالر جي سيڙپڪاري مثبت قدم آهي، آءِ ايم ايف سان معاهدو دير جو شڪار ٿيڻ تي چين اسان ??ي مدد ڪئي، چشما فائيو منصوبو سول ۽ فوجي قيادت جي هڪ صفحي تي هجڻ جو ثبوت آهي، قوم کي ان معاهدي تي مبارڪباد ڏ??ان ٿو. 1200 ميگاواٽ جي چشما فائيو ائٽمي بجلي گهر جي تعمير جي مفاهمتي ياداشت تي صحيحن واري تقريب ٿي. ان ??قريب ۾ وزيراعظم جي موجودگي ۾ چين جي نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن ۽ پاڪستان ??ٽامڪ انرجي ڪميشن جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار، احسن اقبال، خرم دستگير کانسواءِ چيني عملدار پڻ موجود هئا. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته آئون اڄ قوم کي مبارڪباد ڏ??ان ٿو ته اڄ سي فائيو جوهري توانائي منصوبي جي تعمير جي مفاهمت تي صحيحون ٿيون آهن، ان منصوبي سان 1200 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿيندي، اهو منصوبو ميان نواز شريف جي دور ۾ لڳائڻ جو اصولي فيصلو ٿي ويو هو، ان ??ون شرطون طئي ٿي ويون هيون. گذريل حڪومت ان منصوبي کي سردخاني ۾ وجهي ڇڏيو هو، هاڻي ان منصوبي کي پڄاڻي تائين پهچائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ٿيون آهن. ان منصوبي تي لاڳت 2017ع جي ئي رکي وئي آهي جنهن سان 30 ارب رپين جي بچت ٿيندي. احسن اقبال، خرم دستگير ۽ پاڪستان ??ي نئين عسڪري قيادت جا ٿورائتا آهيون جو انهن ان ??ي وڏي محنت ڪئي ۽ دلچسپي ورتي، چشما فائيو منصوبو سول ۽ فوجي قيادت جي هڪ صفحي تي هجڻ جو ثبوت آهي. وزيراعظم چيو ته سي فائيو منصوبو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ اقتصادي تعاون جو اعليٰ مثال آهي، ڪجهه مهينا اڳ ڪراچي ۾ ڪي ٿري جو افتتاح ڪيو، ا?? سي فائيو جي پيڙهه جو پٿر رکي رهيا آهيون، اميد آهي ته بنا ڪنهن دير جي ان منصوبي کي اڳتي وڌائينداسين، مشڪل معاشي صورتحال ۾ چين پاران 3.48 بلين ڊالر جي ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري واضح پيغام آهي ته پاڪستان هڪ اهڙي جڳهه آهي جتي چيني ڪمپنيون ۽ سيڙپڪار تسلسل سان پاڪستان ??ي اعتماد جو اظهار ڪري رهيا آهن، اهو ان ??و عڪاس آهي ته اسان ??ي دوستي هماليه کان ??ونچي، سمنڊ کان گهري، ماکيءَ کا?? مـٺي ۽ فولاد کان مضبوط آهي. هن چيو ته چيني صدر شي جن پنگ ان ??وستي کي آئرن برادرز جو نالو ڏنو آهي، پاڪستان کي اقتصادي مشڪلاتون درپيش هيون ۽ نائين ريويو جي لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، آءِ ايم ايف پاران ??يڪي شرطون هنيون ويون انهن سڀني کي اسان پورو ڪيو ان ??ي باوجود ان ۾ غيرمعمولي دير ڪئي وئي، چين هڪ ڀيرو ٻيهر اسان ??ي مدد ڪئي، هي دوستي ان ??رب المثل جو هڪ عمده مثال آهي ته ”دوست اهو جيڪو مشڪل ۾ ڪم اچي“. وزيراعظم چيو ته چين کانسواءِ اسان ??ي عظيم دوست سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر پاڪستان ??ي مدد ڪئي ۽ هاڻي به ڪري رهيا آهن، هن مشڪل وقت ۾ چين جي مالي مدد اهم آهي، ان ??ي چيني صدر شي جن پنگ ۽ ان ??ي ٽيم جا ٿورائتا آهيون. هن ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ۽ ان ??ي ٽيم جي ان معاهدي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششن تي ان ??ا ٿورا مڃيا، چيني ناظم الامور ۽ ٻين جا پڻ ٿورا مڃيا. هن چيو ته هي ميان نواز شريف جو ويزن آهي، هن 1993ع ۾ پهريون ڀيرو چين سان ??وهري توانائي جو معاهدو ڪيو هو. هن چيو ته چيني قيادت پاڪستان ??ي جيڪا بي مثال مدد ڪئي آهي ۽ قرضن جي تجديد ڪئي آهي اهو بي مثال دوستي جو بهترين نمونو آهي، چين پاڪستان ??ي انهن بااعتماد دوستن ۾ شامل آهي جيڪي سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪستان ??ان گڏ بيٺل رهيا. وچ اوڀر ۾ سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر ۽ ڪويت اسان ??ي مدد ڪئي، اسان ??وستن جي مدد ۽ معاونت کي ڪڏهن به نه وسارينداسين.