ڪراچي- 15 جون (اي پي پي)پاڪ بحريه جو سنڌ ۽ بلوچست??ن جي ڏورانهن سامونڊي علائقن ۾ قدرتي آفتن کان بچاءُ لاءِ وڏي پئماني ??ي امدادي آپريشن جاري آهي. پاڪ بحريه طرف??ن جاري پڌرائي موجب پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽ??من مقامي انتظاميه سان گڏجي طوفان سبب متاثر ماڻهن کي محفوظ ماڳن تي منتقل ڪيو ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪيون. پاڪ بحريه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽ??مون هن وقت تائين ڪيٽي بندر، کارو ڇاڻ، شاهه بندر، باگان، سجاول، چوهڙ جمالي ۽ جاتي شهر جي مختلف سامونڊي علائقن مان 17 هزا?? کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي ورتو آهي. بلوچست??ن جي شهر اورماڙه ۾ ماهيگيرن جي 46 ٻيڙين کي اورماڙه نيو?? هاربر تي لنگر انداز ڪيو ويو آهي. پاڪ بحريه جا جهاز ۽ ايمرجنسي ريسپانس ٽ??مون سمنڊ ۽ متاثر علائقن ۾ گشت جاري رکيو آهي ته جيئن ضرورت پوڻ تي سمنڊ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي وقت سر مدد ڪري سگهجي. سنڌ ۽ بلوچست??ن جي آفت سٽيل علائقن ۾ پاڪ بحريه جو جاري رليف آپريشن مشڪل گهڙي ۾ وطن واسين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي عزم جو ثبوت آهي.