اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي حڪومت موجوده بئنچ جي مٿان بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي?? عوام جي دلين جي ترجماني ڪو ڏوهه نه آهي، فل ??ور?? جو فيصلو پوري قوم کي مڃڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿيندي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪاش هاڻي به چيف جسٽس ان ڳالهه جو خيال ڪري ته جيڪڏهن هو فل ??ور?? کي ويهاري ته اهو فيصلو پوري قوم کي مڃڻ ۾ ڪا به ڏکيائي نه ٿيندي، موجوده بئنچ کان فيصلو ڪرائڻ انصاف جي گهرجن جي ابتڙ آهي. وزيراعظم چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايوان ۾ سندس تقرير جي ٻئ?? ڏينهن محترم چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسيمبلي ۾ ڪيترائي ماڻهو جيل ڪاٽي تقريرون ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته هڪ موقف ۽ سوچ جي لاءِ جيل ڪاٽڻ سان دنيا ۽ پاڪستان جي تاريخ ڀري پئي آهي، عمر??ن نيازي وٽ ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ نه هو، ان جو هڪ ئي ڪم ۽ هڪ ئي سوچ هئي ته ڪهڙي طرح اپوزيشن جي ليڊرن کي جيلن ۾ موڪليو وڃي ۽ انهن مان آئون به هڪ هئس، مون کي ٻه ڀيرا عمر??ن نيازي جيل موڪليو ۽ ٽيون ڀيرو ڀرپور تياري ۾ هو ته مون کي جيل موڪليو وڃي، پهرين جيل جڏهن مون ڪاٽي ته هاءِ ??ور?? جي بئنچ مون کي ضمانت ڏني، عمر??ن نيازي سپريم ??ور?? تائين چئلينج ڪرايو، عمر??ن نيازي جو هڪ دوست وڪيل نعيم بخاري صاحب پيش ٿيندو هو ۽ ان زماني جي چيف جسٽس جي بئنچ هئي منهنجي ضمانت ختم ڪرڻ جي لاءِ پٽيشن داخل ڪئي، سپريم ??ور?? ريمارڪس ڏنا ته نعيم بخاري پنهنجي پٽيشن واپس وٺي ڀڄي ويو، ٻيو ڀيرو جڏهن مون کي جيل موڪليو ويو ته لاهور هاءِ ??ور?? جي فل بئنچ منهنجي ضمانت ڏني ۽ اها به عمر??ن نيازي جي دور ۾ ٿي، ان کي ۽ ان جي حوارين کي جرئت نه هئي ته اهي ان کي چئلينج ڪن، آئون ميرٽ تي آزاد ٿيو آهيان، وزيراعظم چيو ته منهنجو ڏوهه اهو هو ته آئون پنهنجي پارٽي جي قائد نواز شريف سان مخلص ۽ ان وقت اسيمبلي ۾ اپوزيشن اتحاد سان گڏ حڪومت جي غلط ڪمن جو ڄمي مقابلو ڪندو رهيس، عمر??ن نيازي چاهيندو هو ته ان جا سڀ مخالف جيلن ۾ وڃن ۽ هو بانسري وڄائي ڀلي روم سڙندو رهي. وزيراعظم چيو ته اڄ هن معزز ايوان ۾ موجود آهيان ۽ الحمدالله ڪنڌ کڻي ڳالهه ڪري سگهان ٿو، آئون توهان جي توسط سان معزز چيف جسٽس ک??ن سوال ڪريان ٿو ته اسان جي خلاف جيڪي بي بنياد ڪيسز ٺاهيا ويا هئا ته ڇا ضمانت جي حد تائين اس??ن سرخرو ٿي آيا هئاسين يا خدانخواسته بي عزت ٿي. هن چيو ته اسان عوام جي دلين جي ترجماني ڪري رهيا آهيون، اهو ڪو ڏوهه نه آهي، آئون ايوان جو چونڊيل نمائندو آهيان، مون کي جيڪڏهن ڳالهه ڪرڻي آهي ته اڳ ۾ پنهنجي گريبان ۾ ڏسڻو آهي، ان اصول جو اطلاق سڀني تي ٿئي ٿو. وزيراعظم چيو ته عمران خان جي حڪومت لنڊن ۾ پينڊورا باڪس کڻي وئي هئي، هي ٻه سال ڪوشش ڪندا رهيا پر الله اسان کي سرخرو ڪيو، عمر??ن نيازي ۽ ان جي حوارين شهزاد اڪبر اينڊ ڪمپني ڊيلي ميل ۾ جيڪا ڪوڙي خبر هلرائي هئي، چار سال کانپوءِ ڊيلي ميل ترديد ڪئي ۽ مون کان معافي ورتي. هن چيو ته اڄ ئي اسلام آباد هاءِ ??ور?? ۾ ٻڌايو ويو ته عمر??ن نيازي جي گهرواريءَ پبلڪ آفيس هولڊر نه آهي، اها ڳالهه آهي ته نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز به پبلڪ آفيس هولڊر نه هئي، ان کي لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل مان ڇو گرفتار ڪيو ويو، اهو ٻٽو معيار ملڪ جي پاڙن کي لوڏي ڇڏيندو، اڃا به وقت آهي ته هوش کان ڪم ورتو وڃي نه ته دير ٿي ويندي ۽ تاريخ ۾ ايندڙ نسلون اسان کي ڪنهن ٻئ?? نالي سان ياد رکنديون.