اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سينيئر عملدارن جي وچ ۾ ڳالهين جو اٺون سيشن اسلام آباد ۾ ٿيو. پر??يهي آفيس موجب ايڊيشنل پر??يهي سيڪريٽري (ايشيا پيسفڪ) ممتاز زهره بلوچ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي جڏهن ته آسٽريليا وفد جي قيادت اتر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت فرسٽ اسسٽنٽ سيڪريٽري گيري ڪوون ڪئي. ڌرين ٻطرفي تعاون تي ٺوس خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ اعليٰ سطح ??ي مٽاشتا، سياسي، اقتصادي، ترقي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، تعليم، دفاع، سلامتي ۽ دهشتگردي جي خاتمي، لڏپلاڻ ۽ موسمياتي ??بديلي جي شعبن ۾ تعاون پڻ شامل آهي. پر??يهي آفيس ٻڌايو ته ڌرين هڪ ٻئي کي پنهنجي پنهنجي پر??يهي پاليسي جي ترجيحن کان پڻ آگاهه ڪيو ۽ گهڻ رخي ترجيحن ۾ تعاون تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايڊيشنل پر??يهي سيڪريٽري آسٽريلوي وفد کي ڏکڻ ايشيا جي علائقائي صورتحال بشمول افغانستان جي انساني صورتحال ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سن??ين ۽ منظم خلاف ورزين تي ??ريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته گذريل ڏينهن آسٽريليا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسلام آباد ۾ واپاري ڳالهيون پڻ ٿيون، ڌرين زراعت ۽ انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي ۾ تعاون تي ??اص ڌيان ڏيندي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾و اپاري پهچ ۾ اضافي ۽ ملڪيتي ??ق دانش جي گڏيل تحفظ خاص طور تي ??اسمتي چانور جي جاگرافيائي اشاري بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.