ڪراچي – 06 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پاڪست??ن جي هندو برادري سميت سڄي دنيا ۾ هولي ملهائيندڙن کي رنگن جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏني آهي. بلاول هائوس مي??يا سيل پار??ن جاري بيان موجب پيپلزپارٽي جي چيئرمين پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هولي جو ڏڻ معاشري ۾ ڀائيچاري جي فروغ ۽ تلخين کي وساري اڳتي وڌڻ ??ي علامت آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪست??ن جي هندو برادري جو ملڪ جي ترقي ۽ قوم سازي ۾ سدائين فخر جوڳو ڪردار رهيو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 1973ع جو آئين جيڪو ملڪ جي پهرين چ??نڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو قوم کي هڪ تحفو آهي، اقليتن سميت سمورن شهرين کي هڪ جهڙا حق ڏي ٿو. هن چ??و ته هر قسم جي امتياز جو خاتمو، رواداري کي فروغ ۽ مساوات تي بيٺل معاشري جو قيام پاڪستان پيپلزپارٽي جو نصب العين آهي. هن چ??و ته بطور قوم جي باني وڏن جي نظريي جي واحد علمبردار پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي بابت پنهنجي اڻٿڪ عزم سان گڏ بيٺل آهي.