اسلام ??باد– 24 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص معاون شزه فاطمه خواجه چي?? آهي ته پاڪستان نوجوانن جو ملڪ آهي. 15 ڪروڙ نوجوان اسان جو مستقبل نه پر حال آهن ۽ وڏو سرمايو آهن، موجوده حڪومت پاران نوجوانن جي لاءِ خوشخبرين جي ڊگهي فهرست آهي پر پهرين خوشخبري جي شروعات اڄ ٿي رهي آهي، هن اها ڳالهه پرائيم منسٽر يوٿ بزنس اينڊ ايگري لونز اس??يم جاري ڪرڻ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي چئي، شزه فاطمه خواجه چي?? ته پهريون ڀيرو پيداوار يعني سيڊز ۽ فرٽيلائيزر جي لاءِ ٻج فراهم ڪيا ويندا. 2008ع ۾ شهباز شريف نوجوانن جي لاءِ ڪيترائي پروگرام ??روع ڪيا، اسڪلز ڊيولپمينٽ تي 115 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، ان ۾ عورتن کي ترجيح ڏني وئي، ايگريڪلچر ڪريڊٽ اس??يم شروع ڪئي وئي ۽ 18 ارب رپيا ڏنا ويا، يوٿ انٽرن شپ پروگرام ??حت 50 هزار نوجوانن کي انٽرن شپ فراهم ڪئي وئي، نوجوانن کي ليپ ٽاپس ڏنا ويا جنهن پاڪستان ۾ ڳوٺن جو نقشو تبديل ڪيو، ان اس??يم جي شروعات هاڻي ٻيهر ٿيندي. نواز شريف 2013ع ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام ??روع ڪيو، گوادر کان خنجراب تائين نوجوانن کي قرض ڏنا ويا، پوري پاڪستان ۾ هنر سيکاريو ويو، 5 لک کان وڌيڪ ليپ ٽاپس ۽ يوٿ لونز جاري ٿيا. هن چي?? ته پي ٽي آءِ چئن سالن ۾ نوجوانن جي لاءِ عملي طور ڪجهه نه ڪيو. بدڪرداري، بدزباني عام ڪئي وئي، سياست کي ذاتيات تي آندو ويو. هن چي?? ته اسان کي نوجوان نسل کي هڪ بهتر ماحول فراهم ڪرڻو آهي، اسان چاهيون ٿا ته نوجوان ٻاهر نه وڃن پر ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چي?? ته اڄ جو پروگرام نوجوانن سان ڪيل واعدن جو تسلسل آهي. اسان جي ڪوشش آهي ته ايندڙ سالن ۾ نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻايون ته جيئن اهي ملڪي معيشت جو ڪارائتو حصو بڻجي سگهن.