جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتيرس چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي ج?? لاءِ وڏي پئماني تي قدمن جي ضرورت آهي، پاڪستان کي ٽن سالن جي مدي ۾ 16.3 ارب ڊالر جي امداد گهربل هوندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل اها ڳالهه جنيوا ۾ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري ج?? موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته ڪانفرنس جي ذريعي ڪيش، ٽرانسفر ۽ ٻين طريقن سان مدد ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿ??ندڙ تباهي ج?? پاڻ وڃي مشاهدو ڪيو، تازي ٻوڏ سان پاڪستان جو وڏو حصو متاثر ٿيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتيرس چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿ??ندڙ تباهي جا منظر ڏسي دل ٽٽي وئي، ٻوڏ سان 80 لک جي لڳ ڀڳ ماڻهو بي گهر ٿيا، مشڪل حالت ۾ به پاڪستانين جو جذبو ڏسي حيران ٿ?? ويس. ان کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ هن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ مهمانن جا ٿورا مڃيا. انتونيو گوتيرس چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سان پاڪستان جي وڏي حصي کي شديد نقصان پهتو آهي، پاڪستان جي عوام ٻوڏ متاثرين جي لاءِ فراخدلي ج?? مظاهرو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل چيو ته ماحول ۾ ڪاربن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو به نه آهي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو ذميوار پاڪستان هرگز نه ٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪانفرنس ان ڊگهي سفر جي شروعات آهي ج??هن کي سڀني کي گڏجي طئي ڪرڻو آهي. پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري ج?? موضوع تي ج??يوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي ميزباني وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري ج??رل انتونيو گوتيرس ڪري رهيا آهن. پاڪستان ڪانفرنس ۾ نئين سر تعمير ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي بحالي ج?? فريم ورڪ پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب دوران ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ج?? منصوبي کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري ج?? اهميت تي زور ڏنو.