اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽ?? زرداري سان گڏيل عرب امارات ج?? پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ افغانستان جي يونيورسٽين ۾ ڇوڪرين ۽ عورتن جي تعليم تي پابندي جي طالبان جي فيصلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽيليفونڪ رابطي ۾ پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات ج?? پرڏيهي وزيرن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط موقف کي ورجائيندي افغان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳت?? وڌائڻ ۽ عورتن جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت سان گڏوگڏ زندگي جي سمورن شعبن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين جي مڪمل ۽ برابر ??رڪت ج?? اهميت کي حقيقي قرار ڏيندي ٻنهي اڳواڻن چيو ته اسلام عورتن کي هڪ اهم مقام ڏنو آهي ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ زور ڏي ٿو. پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽ?? زرداري ۽ شيخ عبدالله بن زيد النهيان ڳالهه ٻولهه دوران افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي حمايت ۾ پنهنجي مضبوط موقف ۽ افغان عوام جي پائيدار مستقبل جي لاءِ عالمي ڪوششن کي اڳت?? وڌائڻ تي پڻ زور ڏنو.