اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصنوعي ذهانت جي اخلاقي استعمال، ڊيٽا جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستان جي اعليٰ تعليمي ادارن سان علم ۽ مهارت جي آن لائين ۽ کلي حصيداري تي زور ??ين??ي چيو آهي ته ناليواري عالمي ي??ني??رسٽين سان حصيداري ۽ تعاون سان پاڪستاني شاگردن جي صلاحيتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد م??ند??. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ي??ني??رسٽي آف آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته آڪسفورڊ جهڙن عالمي ادارن ۾ پاڪستاني شاگردن جي نمائندگي انهن کي پنهنجا خيال بهتر بڻائڻ، تعليمي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ??ين??ي. صدر چيو ته اهڙي طرح جي تعاون ۾ فيڪلٽي ۽ شاگردن جي مٽاسٽا، هڪ ٻئي جي تعليمي پاليسين ۽ قدمن بابت معلومات ۽ تجربن جي مٽاسٽا، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۽ عملي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ مختصر مدي جي تربيتي ماڊيولز جي منصوبابندي ۽ عملدارن جا گڏيل دورا شامل آهن. صدر چيو ته ي??ني??رسٽي آف آڪسفورڊ ۽ پاڪستاني ادارن جي وچ ۾ مضبوط، پائيدار ۽ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجي آن لائين تعليمي پاليسي جو اعلان ڪيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته آن لائين ۽ هائبرڊ تعليمي نظام سان شاگردن جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهبو. صدر آڪسفورڊ ي??ني??رس??ي ۾ پاڪستان بابت مختلف سرگرمين تي آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام کي ساراهيو، پروگرام آڪسفورڊ ي??ني??رس??ي ۾ پاڪستاني ۽ برٽش پاڪستاني شاگردن جي نمائندگي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان موقعي تي صدر کي ٻڌايو ويو ته آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام اسڪالرشپ ۽ ريسرچ گرانٽس فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستاني فيلو پروگرام جي شروعات سان آڪسفورڊ ي??ني??رس??ي ۾ پاڪستان جي نمائندگي وڌائڻ ۾ مدد م??ند??. صدر کي ٻڌايو ويو ته آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آز??د ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پنجاب سان تعلق رکندڙ معاشي طور تي پٺتي پيل شاگردن کي ترجيحي بنيادن تي وظيفا ڏيڻ جا طريقا ۽ ذريعا ڳوليندو ته جيئن صنعتي توازن ۽ شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي.