اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران فلسطيني عوام جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين جو پراڻو حل طلب تڪرار نه ??رف اخلاقي لحاظ سان دنيا جي لاءِ هڪ سواليه نشا?? آهي پر عالمي امن تي ان جا اثر پون ٿا. فلسطيني عوام سان گڏ يڪجهتي جي ع??لمي ڏهاڙي جي موقع تي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اهو ڏينهن اسرائيل جي قبضي هيٺ زندگي گذارڻ واري فلسطيني عوام کي درپيش مشڪلاتن ۽ تڪليفن کي اجاگر ڪندو آهي. اسرائيل جو ظلم ۽ جابراڻا قدم، جنهن جو تازي تاريخ ۾ ڪوبه مثال نٿو ملي پر سزا کان ڇوٽ ??لي?? آهي. وزيراعظم چيو ته فلسطين جو پراڻو حل طلب مسئلو نه ??رف دنيا جي لاءِ اخلاقي لحاظ کان هڪ سواليه نشا?? آهي پر عالمي امن تي به ان جا اثر پون ٿا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي قراردادن مُوجب ٻه رياستي حل جي حمايت ڪري ٿو.