اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف چيو آهي ته اسان کي اڄ جي ڏينهن ايڊز سان منسوب بدنامي جي خاتم?? جو وچن ڪرڻ گهرجي. ايڊز جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٻارن ۽ گهٽ عمر ماڻهن ۾ ايڊز جا وڌندڙ ڪيسز ڳڻت?? جو سبب آهن. وزيراعظم صحت واري وزارت تي زور ڏنو ته هو ايڊز جي ٽيسٽنگ، ان جي خلاف آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ روڪڻ تي ڌيان ڏئي.