اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ۽ برطا??يا جي دوري کانپوءِ وطن واپس پهچي ويو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس کي اهم خطاب ڪيو. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون.