اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ا?? لنڊن کان آمريڪا پهچندو جتي هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم لنڊن ۾ ملڪه برطانيا جي آخري رسمن ۾ شرڪت کانپوءِ نيويارڪ پهچندو. نيويارڪ ۾ موجودگي دوران وزيراعظم جي ٻين ملڪن جي اڳواڻن اهم ٻطرفيون مل??قاتون ٿينديون. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي فرانس جي صدر ايمانوئيل مينخوان سان مل??قات ٿين??ي. 20 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي آسٽريا جي چانسلر ۽ اسپين جي صدر سان پڻ مل??قاتون ٿينديون. وزيراعظم شهباز شريف جي يورپي يونين ڪائونسل جي صدر چارلس مائيڪل سان مل??قات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف گلوبل فوڊ سيڪيورٽي ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. گلوبل فوڊ سيڪيورٽي سمٽ جو اهتمام سينيگال ۽ آفريقي يونين جي صدر ڪيو آهي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي آءِ ايم ايف جي ايم ڊي ڪرستالينا جورجيوا، ورلڊ بئنڪ جي صدر ڊيوڊ ملپس سان مل??قات ٿيندي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان کانسواءِ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان پڻ وزيراعظم شهباز شريف جي ٻطرفي مل??قات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر جي مل??قات ٿين??ي. 21 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف آمريڪا جي صدر جو بائيڊن پاران منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف 21 سيپٽمبر تي ترڪيه جي صدر ۽ سندس گهرواريءَ جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. وزيراعظم شهباز شريف جي فن لينڊ جي صدر سعالي نوسيتو سان مل??قات ٿين??ي. 22 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف جي مائيڪروسافٽ جي باني بل گيٽس سان مل??قات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس سان سندس آفيس ۾ مل??قات ٿيندي. وزيراعظم جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ، جاپان جي وزيراعظم ف??وميو ڪاشيڊا، ليگزمبرگ جي وزيراعظم زيوئير بيٽل سان مل??قات ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف جي مل??ئيشيا جي وزيراعظم اسماعيل صابري يعقوب سان پڻ مل??قات ٿين??ي. 23 سيپٽمبر تي وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. وزيراعظم جي نوبل انعام يافته مل??لا يوسفزئي سان پڻ مل??قات ٿيندي. وزيراعظم دوري دوران ناليواري آمريڪي اخبار ۽ ميڊيا کي انٽرويوز پڻ ڏيندو.