اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 19 کان 23 سيپٽمبر تائي?? نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي اهم خطاب ڪندو، وزيراعظم ما??ول??اتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان کي درپيش چئلينج کي عالمي فورم تي اجاگر ڪري ما??ول??اتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ خطري کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تجويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي عالمي اڳواڻن کي ڪشمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاه?? ڪندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي و??يراعظم آفريقي يونين، يورپي يونين ۽ آمريڪا پاران گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ غذائي تحفظ تي عالمي سربراهه اجلاس ۽ ڪوپ 27 تي عالمي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت پڻ ڪندو. اهي ٻئي اجلاس عالمي برادري کي درپيش ٻن اهم ترين چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدمن تي غور فڪر جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ مختلف ملڪن جي و??يراعظمن، جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کانسواءِ عالمي تنظيمن، عالمي مالياتي ادارن ۽ فلاحي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل آ??ياڻي دوران عالمي اڳواڻن کي هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي و??ير بلاول ڀٽو زرداري پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي پرڏيهي و??يرن سان ملاقات ڪندو، هو ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ جي 77 ۽ چين جي پرڏيهي و??ير ۽ او آءِ سي جي سالياني اجلاسن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.