اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شمسي توانائ?? سان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ ج?? منصوبي جي حوال?? سان سمورين ڌرين جي ايندڙ هفتي پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرڻ ج?? فيصلو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چي?? ته سرڪاري عمارتن ۽ ڊيزل تي هلندڙ ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪنداسين، ڊيزل، ڪوئلي ۽ فرنس آئل تي هلندڙ پاور پلانٽس کي مرحليوار منتقل ڪنداسين. وزيراعظم چي?? ته بجلي جو هڪ وڏو حصو درامد ٿيل تيل سان پيدا ٿي رهيو آهي جنهن جون قيمتون تازن مهينن ۾ تمام بلند ٿي ويون آهن، اسان جو قومي شمسي توانائي جي قدمن جو مقصد مهانگي بجلي کي سستي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ آهي جنهن سان عوام کي تمام وڏو ريليف ملندو ۽ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن جي بچت ٿيندي.