بيجنگ – 24 – آگسٽ (اي پي پي) چين سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين سان گهري تعزيت جو ??ظهار ڪندي پاڪستان کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تنبوئن ۽ ٻئي فوري ضرورت جي امدادي سامان سميت هنگامي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو ??علان ڪيو آهي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان هتي ??اري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته چين تازو ئي پاڪستان ۾ ڪيترين ئي جاين تي ??ديد ٻوڏ اچڻ جو نوٽيس ورتو آهي، جنهن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ترجمان چيو ته اسان آفت سٽيل علائقي ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن سان گهري تعزيت ۽ متاثرين ۽ زخمين سان دلي همدردي جو ??ظهار ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان سچا دوست آهن جيڪي هڪ ٻئي جي ڏک ۽ پريشاني ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ وڏي قدرتي ??فتن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ جي سدائين سٺي روايت رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ رياستي ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ يي پاڪستان جي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان افسوس جو ??ظهار ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي فريم ورڪ تحت چين پاران فراهم ڪيل 4000 تنبو، 50000 ڪمبل، 50000 ٿُلهيُون چادرُون ۽ ٻيون امدادي شيون قدرتي ??فتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيون پيون وڃن. ان کانسواءِ چين ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 25 هزار تنبو ۽ ٻيو سامان فراهم ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو آهي، ريڊ ڪراس سوسائٽي چائنا هلال احمر پاڪستان کي هنگامي طور تي 3 لک ڊالر روڪ امداد فراهم ڪري ڇڏي آهي. ترجمان چيو ته چين آفتن جي روڪٿام ۽ موسمياتي ??بديلي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيندا رهندا. هن وڌيڪ چيو ته اهو خيال ڪيو وڃي ٿو ته پاڪستاني حڪومت جي قيادت ۾ ۽ عالمي برادري جي گڏيل مدد سان آفت سٽيل علائقن جا ماڻهو مشڪلاتن تي ??ابطو آڻڻ ۽ پنهنجي معمول جي زندگي کي جلد کان جلد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته وينچوآن ۾ 2008ع ۾ ايندڙ تباهي آڻيندڙ زلزلي دوران پاڪستان سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻيندي دستياب سمورا تنبو چين موڪليا هئا ۽ چين پاڪستان جي مشڪل جي گهڙيءَ ۾ فراهم ڪيل ان امداد کي نه ٿو وساري سگهي. ميڊيا جي ذريعن جي رپ??رٽ?? موجب چوماسي جي برساتن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي صوبن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ وڏي پئماني تي ٻوڏ اچڻ سان وڏي تباهي ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ 700 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ ٽي لک کان وڌيڪ بي گهر ٿيا آهن.