اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) ??ين جي صدر شي جن ??نگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان تي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام سان افسوس ۽ ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان ۾ ??ين جي سفير نونگ رونگ ??ين جي صدر ۽ وزيراعظم جو خصوصي پيغام صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پهچايو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف ??ين جي صدر شي جن ??نگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته سدائين وانگر ??ين جي قيادت ۽ عوام پاڪستان دوستي ۽ فراخدلي جو مظاهرو ڪيو آهي. هن چيو ته هو صدر شي جن ??نگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ جا دل سان ٿورا مڃي ٿو. واضح رهي ته ??ين پاران پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 190 ملين يوآن (آر ايم بي) امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. ??ين پاران 25000 خيمن ۽ ٻين امدادي شين جو عطيو ڪيو ويو آهي. چيني فضائيه جون اڏامون 300 خيمن جي پهرين کيپ کڻي اڄ ۽ سڀاڻي ڪراچي پهچنديون. پاڪستان ۾ ??ين جي سفير نونگ رونگ ڪراچي ۾ امدادي سامان پاڪستاني عملدارن جي حوالي ڪندو. ??ين پاران ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد جي فراهمي بابت اقتصادي معاملن واري ڊويزن کي ??ين جي سفير جي ڪراچي کان واپسي تي باضابطا آگاهه ڪيو ويندو. ??ين جي سفير نونگ رونگ ??ين جي قيادت جي فيصلي سان پاڪستان حڪومت کي آگاهه ڪري ڇڏيو.