لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپ??ڪر راجا پرويز اشرف ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ??طي ۾ پائيدار امن ??ائم ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلي جي حل لازمي آهي. والاريل ڪشمير ۾ امن ??ائم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ??رٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ان جي اصل صورت ۾ بحال ڪيو وڃي. ڪشمير مسئلي تي پوري پاڪستاني قوم متحد آهي ۽ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستان پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي سمورن ع??لم?? ۽ علائقائي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس ڀرپور انداز ۾ وڙهي رهيو آهي. اسپ??ڪر گڏيل قومن تي زور ڏنو ته هو ڪشمير مسئلي تي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي ۽ ڀارت تي والاريل ڪشمير ۾ طاقت جي استعمال کي بند ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ تي ڀارت پاران عمر قيد جي سزا ٻڌائڻ ۽ ان تي ڪيل ظلمن جي سختي سان مذمت ڪئي ۽ ع??لم?? انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي ته ??هي ياسين ملڪ سميت ڀارتي جيلن ۾ قيد سمورن حريت اڳواڻن جي آزادي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.