اسلام آباد – 27 – جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ ??اءِ صحت جي عالمي اداري جو بروقت تعاون مثا??ي رهيو، پاڪستان هن خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر ان??از ۾ قابو ڪيو ويو آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري جي نمائيندي ڊاڪٽر پليٿا گونراٿنا سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ت?? خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر پليٿا سينيٽ چيئرمين کي ڊبليو ايڇ او جي پاڪستان ۾ منصوبن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ان خطي جو واحد ملڪ آهي جتي ان وبائي مرض کي موثر ان??از ۾ قابو ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين چيو ته ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ ??اءِ ڊبليو ايڇ او جو وقت سر تعاون مثا??ي رهيو. اميد آهي ته ڊبليو ايڇ او پاڪستان جي لاءِ تعاون جي فراهمي جاري رکندو. هن چيو ته پاڪستاني عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ صحت جي عالمي اداري سدائين مدد ڪئي آهي. پوليو جي خاتمي وارن قدمن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ض??ورت آهي. عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. سينيٽ چيئرمين ڪورونا وائرس (ڪووڊ 19) ويڪسين تائين پهچ لاءِ بھترين تعاون فراهم ڪرڻ تي ڊاڪٽر پليٿا جو ٿورو ادا ڪيو.