اسلام آباد – 21 211; ??ون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين ۽ دور انديشي نه هُجڻ جي ڪري تمام وڏا معاشي چئلينج درپيش آهن، معيشت کي سنڀالڻ جي ل??ءِ دليراڻن فيصلن کان پاسو نه ڪنداسين، ڏينهن رات محنت سان قوم کي معاشي مشڪلاتن مان ??ڍنداسين، انشاءَ الله سٺو وقت به ايندو. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته قوم بدقسمتي سان اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين، بي انتها ناقص ڪارڪردگي ۽ ڪم عقلي جو نتيجو ڀوڳي رهي آهي. هي اسان جي ل??ءِ تمام وڏو معاشي چئلينج آهي جيڪو اسان ??ي ورثي ۾ مليو آهي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي پيٽروليم جون قيمتون جيڪي پوري دنيا ۾ آسمان سان ??الهيون ڪري رهيون آهن، گهٽ ڪري ايندڙ حڪومت جي ل??ءِ ڄار وڇايو. اهو بدنيتي تي ٻڌل قدم هو. جيڪڏهن اڳوڻن حڪمرانن کي عوام جو ايترو ??ي درد هجي ها ته 3 سالن ۾ ڪو سٺو مثال قائم ڪن ها ۽ عوام جي حقيقي ڀلائي جي ل??ءِ ڪجهه ڪن ها. عالمي سطح تي ڳنڀير صورتحال درپيش آهي ۽ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌي رهيون آهن، اسان ??ي به مجبوري ۾ قيمتون وڌائڻيون پيون پر ان سان ??ڏ اسان 7 ڪروڙ غريب ماڻهن جي ل??ءِ ريليف جو به اعلان ??يو ۽ بي آءِ ايس پي جي ذريعي 2000 رپيا ماهوار ملڪ جي ڪروڙين غريب ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته اهو فيصلو بجيٽ ۾ عريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي ل??ءِ ڪيو ويو. سرندي وارن طبقن تي ٽيڪس هنيو ويو ته جيئن عام ماڻهو کي اهو احساس ٿئي ته انهن جي حڪومت انهن جو بار ونڊڻ جي ل??ءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته آئون اميد ڪريان ٿو ت?? ملڪ جو امير طبقو وڌيڪ ٽيڪس ڏئي حڪومت جو ساٿ ڏيندو. اهڙي طرح حڪومت وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري غريبن تي خرچ ڪري سگهندي. هن چيو ته مشڪل حالتن ۾ جيڪا ذميواري اسان ??ي ملي آهي ان ??ي نڀائينداسين. اسان دليراڻا فيصلا ڪيا آهن وڌيڪ به ڪرڻا پوندا ته ڪنداسين ۽ معيشت کي سنڀالڻ جي ل??ءِ ڪو به ضروري قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائينداسين. وزيراعظم چيو ته مشڪل فيصلن کانپوءِ سٺو وقت به ايندو. مشڪل فيصلا اسان جي مجبوري آهي. اسان محنت سان ??م ڪنداسين ۽ نتيجا الله جي هٿ ۾ آهن. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو پاڻ ئي ان جون ڌڄيون اڏايون. معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ جي ڪري اڄ معاشي مشڪلاتون درپيش آهن. اسان ??ينهن رات محنت جي ذريعي قوم کي ان مشڪل وقت مان ??ڍنداسين.