اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم شاگردن لاءِ خصوصي ڪمپيوٽرز ۽ سافٽ ويئر جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عوامي نمائندا، اي?? جي اوز ۽ لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي کاتا شاگردن کي معياري ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن تي ٻڌل هنر فراهم سان گڏوگڏ اسڪول کي ??ديد دور جي تدريسي سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ سموري ضروري مدد فراهم ڪن. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل اس??يش?? ايجوڪيشن ڪمپليڪس خضدار بلوچستا?? جي شاگردن سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. هن صوبائي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو اسڪول کي ??يڪندڙي سطح تائين اپ گريڊ ڪرڻ، نصاب کي ??هتر ۽ جديد بڻائڻ، اسڪول کي ??ديد تعليمي سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن. صدر ??يو ته شاگردن کي ??هترين آمدني حاصل ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ۽ آءِ ٽي جون مهارتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت ۽ پرائيويٽ سيڪٽر خصوصي ماڻهن لاءِ سرڪاري عمارتن، اسپتالن، تفريحي سهولتن، پبلڪ ٽرانسپورٽ، گهٽين ۽ رستن تائين پهچ بهتر بڻائڻ جي ضروري قدم کڻن،حڪومت ۽ سول سوسائيٽي مناسب تعليم، هنر، تربيت ۽ مناسب نوڪرين تي مقرري جي ذريعي معاشري ۾ انهن ماڻه?? جي موثر شموليت کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪن، هن چيو ته معذور ماڻه?? جي حقن جو ايڪٽ، جيڪو 2020ع ۾ منظور ڪيو ويو، حڪومت پاڪستان کي پابند ڪريان ٿو ته هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته هر معذور ماڻهو جو احترام ڪيو وڃي ۽ ان کي ??نا ڪنهن امتياز جي تعليمي، سماجي ۽ معاشي سميت سمورين سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي برابر موقعن سان گڏوگڏ هڪ مهذب زندگي گذارڻ جو حق هجي. صدر ??ي ٻڌايو ويو ته شاگردياڻيون پنهنجي تعليمي سرگرمي?? جي سلسلي ۾ اسلام آباد جو دورو ڪري رهيون آهن، نيشنل اس??يش?? ايجوڪيشن ڪمپليڪس خضدار ۽ بلوچستا?? جي ڏاکڻي علائقن ۾ معذور شاگردن جو واحد تعليمي ادارو آهي، اداري ۾ پرائمري تعليم ۽ هنرمندي جي پروگرامن ۾ 160 شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم پرائي رهيون آهن.