اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب وز??راعظم شهباز شريف جي ٻن هفتن جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ڪري ڇڏيو، اٽو، کنڊ ۽ گيهه جي ستايل عوام کي س??تي شين جي فراهمي شروع ٿي چڪي آهي، وز??راعظم شهباز شريف کنڊ جي قيمت 85 روپيا کان گهٽ ڪري 70 روپيا، 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهي جي قيمت 550 روپين کان گهٽ ڪري 400 روپيا ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته چئن سالن ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي وئي هئي جنهن ۾ آه??تي آه??تي لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته وز??راعظم شهباز شريف ٻن هفتن ۾ اهي ڪم ڪيا جيڪي عمران خان چئن سالن ۾ سوچي به نه سگهيو. هن چيو ته وز??راعظم ٻن هفتن ۾ بجلي جا بند پيل 27 ما?? 20 پيداواري يونٽس کي فعال ڪيو، بجلي جا ڪارخانه هلائڻ لاءِ تيل ۽ گئس جي فراهمي لاءِ رڪارڊ قدم کنيا ويا. هڪ سال جي فني خرابين جي ڪري بند پيل ڪارخانا وري بحال ٿيڻ لڳا آهن، هن چيو ته چئن سالن کان بند اسلام آباد م??ٽر?? جو منصوبو چئن ڏينهن ۾ شروع ڪيو. هن چيو ته نيو اسلام آباد هوائي اڏي کان م??ٽر?? کي موٽروي ?? فيض آباد سان جوڙڻ، بهاره ڪهو ۽ روات تائين توسيع ڏيڻ جي فزيبلٽي جي تياري شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته موٽر وي تي م??ٽر?? جو اسٽيشن بڻائڻ جو قدم کنيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ديامرڀاشا ڊيم تي ڪم جي رفتار وڌائي، ڊيم کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ جي نئين ڊيڊ لائين رکي، مقامي آبادي جي لاءِ بهترين ۽ جديد علاج لاءِ اسپتال جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن چيو ته وز??راعظم شهباز شريف خضدار ڪچلاڪ شاهراهه کي ٻن کان چائن ڦاڪن ۽ وري ايندڙ مرحلي ۾ ڇهه ڦاڪن واري ڪرڻ لاءِ سيڪشن هڪ ۽ 2 جو پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وز??راعظم بلوچستان جي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سڀ کان جديد ترين ٽيڪينڪل يونيورسٽي جي منصوبي جو اعلان ڪيو، وز??راعظم شهباز شريف راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور، ملتان، ڪراچي وانگر ڪوئيٽا ۾ به م??ٽر?? سروس جي فزيبلٽي تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو، وز??راعظم شهباز شريف بلوچستان جي غريب ترين پنج لک ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ما?? امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو.