اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ??ه اڳوڻي حڪومت جي بدانتظامي ۽ نااهلي جي ڪري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي ??هي، بجلي جي صلاحيت اسان جي ضرورت ??ان وڌيڪ آهي، وقت تي گئس ۽ ٻارڻ جي خريداري نه ٿيڻ جي ڪري مسئلا سامهون آيا. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هن وقت پوري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ جاري آهي. گذريل ٽن ڏينهن ۾ مون پنهنجي ساٿين سان پيٽروليم واري وزارت ۽ پاور واري وزارت ??ي اهلڪارن سان ملاقاتون ڪيون جنهن ۾ معلوم ٿيو ته ملڪ ۾ 35 هزار ميگاواٽ بجلي جي صلاحيت موجود آهي ??نهن ۾ 6 هزار ميگاواٽ پن بجلي جي صلاحيت آهي. پن بجلي ??ان هٽي ڪري به اسان جي صلاحيت ايتري آهي ??و پوري ملڪ جي ضرورت پوري ڪري سگهجي ٿي. بدقسمتي سان جيڪي پلانٽ سي پيڪ جي نتيجي ۾ لڳا اهي ??ڪثر ڪوئلي، سولر ۽ ونڊ تي ٻڌل هئا جڏهن ته 5 هزار ميگاواٽ ايل اين جي جي بنياد تي لڳايا ويا. انهن مان هڪ پلانٽ 2019ع ۾ هلڻو هو جنهن جي صلاحيت 1250 ميگاواٽ هئي، ??هو منصوبو اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو ڇو ته ان جو فنانشل ڪلوزر ناهي ٿيو. ??هو 10 ارب ??ان وڌيڪ جو منصوبو هو، اڳوڻي حڪومت ان تي ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي ان جي حوارين ان تي ڌيان ڏنو. هن چيو ته جيڪي نوان پلانٽ لڳا آهن اهي گئس ۽ تيل نه هجڻ سبب بند پيل آهن جنهن جي ڪري ملڪ ۾ لوڊشيڊنگ آهي. وزيراعظم چيو ته بدانتظامي ۽ نااهلي جي ڪري اهي مسئلا پيدا ٿيا آهن. اهڙي نااهل ۽ ڪرپٽ حڪومت ڪڏهن به ناهي ??ئي، ملڪ ۾ گئس نه آهي، اسان تيل جا معاملا به ڏسي رهيا آهيون، لاڳاپيل وزارتن سان اجلاس ۾، مون انهن ??ان پڇيو ته جڏهن گئس ٽي ڊالر في يونٽ تي هئي ته توهان ڇو خريد نه ڪئي. اڄ اها قيمت 30 ??ان 35 ڊالر في يونٽ تي آهي. اهي قطر ??ان گئس جي معاملي تي ڪيڙا ڪڍندا رهيا. ??هو معاهدو نه ٿئي ها ته خبر نه آهي ??سان جي حالت ڪهڙي هجي ها. مون کي خبر آهي ??ه قطر جي امير ذاتي مداخلت سان ڊسڪائونٽ تي گئس ڏني هئي. هن چيو ته هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ گئس جي کوٽ آهي ڇو ته اسپاٽ تي اڪثر يورپ خريد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ صبح هن راول چوڪ ۾ منصوبي جو جائزو وٺڻ لاءِ دورو ڪيو، ??هو منصوبو 24 مهينن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. اسان 72، 72 ڏينهن ۾ اهڙا منصوبا ٺاهي ??وام جي حوالي ڪيا آهن. ان جو ٺيڪيدار بليڪ لسٽ آهي ??نهن کي اورنج لائين ۾ ٺيڪو ڏنو ويو هو ان کي 90 ڪروڙ ڏنڊ ڪيو ويو. انهي ??ليڪ لسٽ ٺيڪيدار کي هي ٺيڪو ڏنو ويو آهي. ??هو منصوبو مڪمل نه ٿيڻ جي ڪري ماڻهن کي مشڪلاتون درپيش آهن. هن چيو ته لوڊشيدنگ جو صلاحيت سان تعلق نه آهي، اها نااهلي آهي. اڳوڻي حڪومت ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته هينئر خبر آئي آهي ??ه پنجاب اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر تي حملو ٿيو آهي، اها شيطانيت آهي ۽ اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا.