اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عمر امين گنڊاپور بابت ??ي??لو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ڊيره اسماعيل خان ۾ مولانا فضل الرحمان کي واضح شڪست سامه??ن هئي، اهڙي صورت ۾ تحريڪ انصاف جي اميدوار کي ان بنياد تي نااهل قرار ڏنو ويو ته ان جو ڀاءُ چو??ڊ مهم ڇو هلائي رهيو آهي، اهڙا فيصلا اليڪشن ڪميشن کي تڪراري بڻائين ٿا.