بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وز??ر اسد عمر چيو آهي ته وز??راعظم جي دوري کانپوءِ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ صن??ت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي دوري دوران اسان جون چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. وز??راعظم پاڻ انهن جي سڌوسنئون ڳالهه ٻڌي رهيو آهي ۽ جيڪي نقطا اهي اٿاري رهيا آهن انهن جو جواب ۽ سمورين وزارتن کي ان حوالي سان عملدرآمد جي لاءِ حڪم پڻ جاري ڪري رهيو آهي. وز??راعظم عمران خان چيني وز??راعظم لي سان ملاقات پڻ ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ درخواست ڪري رهيو آهي انهن تي به غور ٿيندو. چيني صدر شي جن پنگ سان آچر ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ وز??راعظم عمران خان اهي ئي نقطا اٿاريندو. اميد آهي ته هن دوري کانپوءِ ??نف??رميشن ٽيڪنالاجي، زراعت ۽ صن??ت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو.