دبئي – 21 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته فلاپ فلمون لنڊن وڃي ويهي رهيون آهن، نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم طرف ڪنهن ??يا?? نه ڏنو، رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي ??هي ته حلفي بيان نواز شريف جي گهر تي صحيح ٿيو، اها ڳالهه هن هتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته دبئي ۾ فلم فيسٽي??ل ۾ 11 پاڪستاني فلمون ڏيکاريون وينديون، يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ان فيسٽي??ل ۾ پاڪستاني فلمون ڏسڻ اچن. هن چيو ته پاڪستان جي فلم انڊسٽري بحال ٿي رهي آهي، ان کان ا?? صرف سياستدانن جا ڊراما ڏٺا ويندا هئا، نواز شريف اينڊ ڪمپني جڏهن اقتدار ۾ هئي ته صرف انهن جون فلمون هلي رهيون هيون، اصل فلم جي طرف ??يا?? نه ڏنو. فلاپ فلمون لنڊن ۾ وڃي ويهي رهيون آهن، هن چيو ته رانا شميم جي حلفي بيان جي باري ۾ چارلس گوٿري به تصديق ڪئي ??هي ته اهو بيان حلفي نواز شريف جي گهر تي صحيح ٿيو، اهو گهڻو اهم معاملو آهي، شريف فيملي کي ان تي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ گهرجي. چوڌري فواد حسين چيو ته اوورسيز پاڪستانين اسان جا سر جا تاج آهن ۽ يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستاني ان تاج جا هيرا آهن، وفاقي وزير چيو ته 15 لک پاڪستان يو اي اي ۾ رهن ٿا، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ انهن جو سڀني کان وڏو حصو آهي، هن چيو ته روشن ڊجيٽل پاڪستان ا??ائونٽ ۾ به سڀني کان وڌيڪ تعداد يو اي اي ۾ رهندڙ پاڪستانين جو آهي. وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح عمران خان ۽ اوورسيز پاڪستانين سان گڏ بيٺو آهي، اهڙي طرح اوورسيز پاڪستاني به عمران خان جي پويان بيٺل آهن، هي اهو ئي اتحاد ??هي جيڪو پاڪستان کي اڳيان وٺي هلندو.