اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان يونان سان ثقافت، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير آندرياس پاپستاورو سان ??لا??ات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان يونان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي ا??ميت ڏي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ يونان سان ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. صدر ??لا??ات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستاني ڪوششن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته امن ۽ استحڪام سان نه ??ڳو افغانستان پر خطي جي ٻين ملڪن ۾ به معاشي خوشحالي ا??ندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ افغانستان تي ا?? آءِ سي ڪانفرنس جي پرڏيهي وزيرن جو 17 هون غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو. او آءِ سي اجلاس سان افغانستان جي جنگ سبب متاثر عوام لاءِ عالمي حمايت ۽ معاشي مدد حاصل ٿي. هن پاڪ – يونان لاڳاپن جي فروغ تي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو.