اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پورهيتن ۽ مستحق ماڻهن جي لاءِ قائم پن??هگاهن ۾ معياري خوراڪ ۽ خدمتون فراهم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي آهي ته پن??هگاهن ۾ احساس سروسز فراهم ڪيون وڃن، معاشري ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ان پن??هگاهن جي رهواسين کي هنرمندي جي تربيت به فراهم ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان گهڻ ماڙ پن??هگاهن جي منصوبن جي نقاب ڪشائي جي موقعي تي خطاب ڪندي لاڳاپيل کاتن جي اجتماعي ڪوششن کي ساراهيندي اهڙي طرح جي ماڊل ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم وزيراعظم احساس ٽيم سي ڊي اي، اين سي اي ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي گڏيل ڪوششن کي ساراهيندي نئين ماڊل پن??هگاهن جي قيام تي تيزي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي، وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پن??هگاهن ۾ احساس سروسز فراهم ڪيون وڃن، ان کان اڳ وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي پن??هگاهن جي نئين اسٽريٽجڪ پلان سميت تعميرات، فرنشنگ، گورننس، ڊجيٽل مانيٽرنگ، صلاحيت ۽ فنانسنگ بابت بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ثانيه نشتر ٻڌايو ته پورهيتن جي لاءِ بسترن، ناشتي ۽ کاڌي جي سهولتن کانسواءِ انهن پن??هگاهن ۾ احساس ون ونڊو مرڪز به هوندا ته جيئن پورهيت ۽ ڪمزور طبقي کي حڪومت جي سماجي ڀلائي جي پروگرامن مان مستفيد ٿيڻ جي قابل بڻائي سگهجي، ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته سي ڊي اي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ ان مقصد جي لاءِ غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن کي رعايتي اگهن تي زمين ڏني آهي. ان جي تعاون سان پن??هگاهن جو نئون ماڊل ڊزائين ڪيو ويو آهي، ان وقعي تي پنڊال ۾ ان ماڊل پن??هگاهن ۾ استعمال ٿيندڙ فرنيچر ۽ لڳايل سامان جا نمونا به رکيا ويا، ان کان اڳ وزيراعظم پن??هگاهن جي نئين ماڊل جي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي، ماڊل پن??هگاه ۽ فرنيچر جي ڍانچي کي نئين سر ڊزائين ڪرڻ لاءِ احساس نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاهور سان حصيداري ڪئي آهي، پن??هگاهن جي نئين ڊزائين ۾ وڏو ڪچن، ڪولڊ اسٽوريج، استقباليه لابي، انتظار گاهه ۽ ضرورتمندن کي خوراڪ ۽ رهائش فراهم ڪرڻ جي بهتر صلاحيت هوندي، پن??هگاهن مان فائدو وٺندڙن کي بهترين رهائش ۽ معياري کاڌو فراهم ڪرڻ جي لاءِ احساس ۽ سرينه هوٽل پهرين به تعاون ڪري رهيا آهن، پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد جي سمورين پن??هگاهن جي عملي ۽ رهواسين جي مهمانوازي، خوراڪ جي تحفظ، ماح??لي??ت ۽ هائوس ڪيپنگ جي ب??ري ۾ تربيت ڏني پئي وڃي جڏهن ته سهولتن جي ب??قاعده نگراني ڪئي پئي وڃي، احساس هن وقت تائين ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 27 پن??هگاهون کوليون آهن جنهن مان سنڌ ۾ 5، خيبرپختونخاو ۾ 8، بلوچستان ۾ 7، اسلام آباد ۾ 5 ۽ گلگت بلتستان ۽ پن??اب ۾ هڪ هڪ پن??هگاهه شامل آهي، احساس پروگرام تحت پن??هگاهون کاڌو، ضروري شين، صحت، ڪپڙا ڌوئڻ ۽ حفاظتي معيارن سان رهائش ۽ ناشتي جون سهولتون مهيا ڪري رهيون آهن، هر پن??هگاهه ۾ تقريبن 500 ماڻهن کي مفت کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي ۽ رات جو 100 بسترن جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، واضح رهي ته 4 نيون پن??هگاهون ترلائي، ترنول، جي نائن ۽ منڊي موڙ جي علائقن ۾ قائم ڪيون وينديون.