اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ متحده عر?? امارات جي وچ ۾ گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل بهترين ڀائراڻا ٻطرفا لاڳاپا قائم آهن، پا??ست??ن وچ اوڀر کي افغانستان ۽ وچ ايشيا سان ملائڻ لاءِ تيار آهي. متحده عر?? امارات جي 50 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير پا??ست??ني قيادت پاران متحده عر?? امارت جي قيادت کي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته پا??ست??ن ۽ متحده عر?? امارات جي وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، متحده عر?? امارات جيڪي بي مثال ترقي جا مدارج طئي ڪيا آهن اهي متحده عر?? امارات جي باني شيخ زايد بن سلطان النهيان جي دور انديش قيادت کانسواءِ ممڪن نه هئا، ان عظيم اڳواڻ کي پا??ست??ن سان تمام گهڻو لڳاءُ هو. هن پا??ست??ن ۾ ڪيترن ئي سماجي ۽ اقتصادي منصوبن ۾ ذاتي دلچسپي ورتي ۽ پا??ست??ني ورڪرز کي متحده عر?? امارات ۾ ڪم ڪرڻ جو ??وقعو ڏنو، هي پا??ست??ني، پا??ست??ن ۽ متحده عر?? امارات جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪندو هو، متحده عر?? امارات ۾ سندس جانشين اڳواڻ شيخ زيد جي طئي ڪيل اعليٰ معيارن جي پيروي ڪري رهيو آهي ۽ پا??ست??ن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. پرڏيهي وزير چيو ته عمران خان جي وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پا??ست??ن ۽ يو اي اي جي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيا. وزيراعظم عمران خان ۽ محمد بن زيد النهيان جي بار بار ٿيندڙ دورن اسان جي ٻطرفي لاڳاپن ۾ وڌيڪ سگهه پ??دا ڪئي آهي، اسان جي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا به مضبوط ٿي چڪا آهن، هن چيو ته اسان عالمي فورمن تي به گڏيل تعاون جاري رکيا آهن، اسان متحده عر?? امارات کي 23 -2022ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ چونڊ ۽ ڪوپ 26 جي ميزباني تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، متحده عر?? امارات جي فائونڊيشن جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اسان ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب انعقاد تي به مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هي وچ اوڀر، اتر آفريقا ۽ ڏکڻ ايشياخطي ۾ پهرين عالمي نمائش آهي، هن چيو ته پا??ست??ن ۽ متحده عر?? امارات جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرفي لاڳاپن جو ??ڪ اهم حصو آهن ۽ مسلسل وڌي رهيا آهن، 8 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي گڏيل واپار سان متحده عر?? امارات وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا جي خطي ۾ پا??ست??ن جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي، ان جو شمار پا??ست??ن ۾ سڀ کان وڏي غير ملڪي سيڙپڪارن ۾ ٿيندو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته چين پا??ست??ن اقتصادي راهداري جي مسلسل اڳڀرائي ۽ گوادر بندرگاهه جي آپريشنل ٿيڻ سان پا??ست??ن وچ اوڀر کي افغانستان ۽ ان کانپوءِ وچ ايشيا سان ملائڻ لاءِ تيار آهي، اسان جي خطن جي وچ ۾ بهتر رابطا اسان جي ماڻهن جي لاءِ ڪافي فائديمند ٿيندا.