اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي برادري کي افغان عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيهڻ ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ڪر?? گهرجي، افغانستان ۾ پائيدار امن، استحڪام ۽ معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ترغيب پيدا ڪر??ي پوندي. اها ڳالهه هن پاڪستان جي دوري تي آيل اٽلي جي پرڏيهي وزير ليوگي ڊي ماريو سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي تڪرار ۽ عدم استحڪام جي ڪري پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان کڻ??و پيو آهي. هن چيو ته هڪ پرامن، محفوظ ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان سان گڏوگڏ علائقائي ملڪن جي پڻ بهترين مفاد ۾ آهي. ملاقات دوران افغانستان جي تازي صور??حا?? ۽ ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته هن نازڪ موڙ تي افغانستان ۾ سيڪيورٽي جي صور??حا??، امن کي مستحڪم ڪر?? ۽ پناهگيرن جي ڪنهن وڏي پئماني تي هجرت کي روڪڻ جي لاءِ قدم انتهائي لازمي آهن. ان ڏس ۾ انساني بحران کي روڪڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ڪر?? انتهائي اهم ترجيحون آهن. ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان چيو ته اٽلي پاڪستان جي لاءِ هڪ اهم حصيدار آهي. وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ان ڳالهه کي به اجاگر ڪيو ته اٽلي ۾ وڏي انگ ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پل جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پرڏيهي وزير ليوگي دي ماريو افغانستان مان انخلا جي ڪاررواين ۾ سهولت فراهم ڪر?? تي پاڪستان جا ٿورا م??يا ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اٽلي جي عزم کي ورجايو. اٽلي جي پرڏيهي وزير وزيراعظم کي اٽلي جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ان موقعي تي اٽلي جي وزيراعظم ماريو ڊراگي کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.