اسلام آباد-18 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جمعي ڏي??هن ترڪي ۾ فل??طين جي پرڏيهي وزير ??اڪ??ر رياض المالڪي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، خطي جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. فل??طين جي پرڏيهي وزير فل??طين ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان شاهه محمود قريشي کي آگاهه ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته فل??طين جو مسئلو وچ اوڀر ۾ بيچينيءَ جو بنيادي سبب آهي، پاڪستان 1967ع کان اڳ جي سرحدي صورتحال ۽ گڏيل قومن جي ٺهرائن جي روشنيءَ ۾ فل??طين مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. پاڪستان، فل??طيني عوام جي حق خوداراديت جي جدوجهد جي حمايت ڪري ٿو. پرڏيهي وزير فل??طين جي هم منصب کي فل??طين جي پُرامن مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان طرفان ڪيل سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو ۽ فل??طين جي مسئلي تي او آءِ سي ۽ عرب ليگ جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان، پاڪستاني عوام طرفان فل??طيني قيادت ۽ عوام س??ن يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شرٽ جو تحفو فل??طيني پرڏيهي وزير کي پيش ڪيو ج??هن تي لکيل هو ”اي ارض فل??طين مين بهي حاضر هون“.