اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) چين، ترڪي، آمريڪا، فرانس، جاپان، ڀارت، ابوظهبي، افغانستان، سريلنڪا، هانگ ڪانگ سميت سڄي دنيا جي پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان جو ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. اڱاري ڏينهن ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سفارتي مشنز ۾ پاڪستان ڏهاڙي جون تقريبون منعقد ٿيون. ان موقعي تي قومي جهڊو بلند ڪيو ويو ۽ صدر ۽ ??زي??اعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. پاڪستاني سفيرن ۽ شرڪت ڪندڙن ان ڏينهن ج?? اهميت کي اجاگر ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. 81 هين يوم پاڪستان جي موقعي تي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب منعقد ٿي، تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي ميمبرن ۽ چين ۽ پاڪستاني ميڊيا جي نمائندن سميت مهمانن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير معين ا??حق تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن کي خراج تحسين پيش ڪيو. 23 مارچ 1940ع ج?? اهميت کي اجاگر ڪندي هن چيو ته ه?? اهو ڏينهن هو جڏهن ڏکڻ ايشيا جي مسلمانن قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پن??نجي لاءِ ڌار ملڪ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني سفير غير قانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ ڪشمير ڪاز لاءِ پن??نجي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو عزم ورجايو.