اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ريڊيو پاڪستان پاران پشتو نغمن جي اي لائبريري جاري ڪرڻ کي ساراهيندي هداي?? ڏني آهي ته سنڌي، پنجابي، بلوچي سميت ٻي ڪلچر جي ٻولين جي موسيقي کي ڊجيٽلائيزڊ ڪري نئين نسل جي لاءِ محفوظ بڻايو، ڪنهن به ملڪ جي ترقي ان جي ورثي جي قدر ۾ لڪل آهي، پنهنجي وقت جي شاعري ان وقت جي بهترين عڪاس هوندي آهي. هو ريڊيو پاڪستان ۾ پشتو گانن جي لاءِ اي لائبريري جي افتتا??ي تقريب ??ي خطاب ڪري رهيو هو، اطلاعات واري سيڪريٽري زاهد پروين، ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ عبرين جان ۽ ريڊيو پاڪستان جا ٻيا عملدار به تقريب ۾ شر??ڪ هئا.