اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)وزيراعظم جي خاص صلاحڪار ڊاڪٽر شه??از گل ??يو آهي ته ڪراچي ۾ رچايل ڊرامي جو مقصد بدعنواني جو تحفظ ۽ اين آر او گهرڻ آهي. ڊرامي ذريعي مادر ڪوڙ کي مادر ملت بنائڻ چاهين ٿا. نواز شريف انقلابي آهي ته ملڪ واپس اچي آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪري ۽ باقي زندگي جيل ۾ گذاري. عمران خان جيڪو چوندو آهي اهو ڪري ڏيکاريندو آهي. جيستائين عمران خان جي زندگي آهي ڀلي وزيراعظم رهي يا نه رهي، هو ان کي ڪرپشن ڪرڻ نه ڏيندو. حڪومت لٽيل دولت جي واپسي ۽ بهتر حڪمراني طرف توجهه ڏئي ??هي آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي شه??از گل ??يو ته بدقسمتي سان 40 سالن ۾ 2 ٽبر سياست ۾ آيا آهن. جن ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ بي ايس سي ڪئي ??هي، پر ان باوجود هر ڀيري پڪڙجي پوندا آهن. اهي ماڻهو پهرين صفائي ??ان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. ميڊيا ۾ من پسند دوستن ذريعي لانچ ڪيا ويندا آهن ۽ انهن جي ٽائيمنگ به اهڙي رکندا آهن جنه?? سان انهن کي فائدو ٿئي.