ا??لا?? آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مقرر پاڪستان جي وقتي هاءِ ڪمشنر تنوير احمد چ??و آهي ته ڀارت جي 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مزاحمت جو نئون ٻ?? ڇٽي ڇڏيو آهي. والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڪولمبو ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مودي جي قيادت ۾ ڀارتي حڪومت ملڪي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري گڏيل قومن جي ??لا??تي ڪائونسل جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي. وقتي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ هزارين اضافي فوجين کي مقرر ڪي?? آهي، زندگي جي ضرورتن تائين پهچ روڪڻ جي لاءِ پابنديون هنيون، سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪي??، هر قسم جي مواصلات جي بندشن جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو انساني بحران درپيش آهي.