اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته جهاز حادثي جي شفاف ۽ غير جانبدار انڪوائري ۽ واقعي سان جڙيل حقيقتن کي منظر عام تي آڻڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، عيد جي موقعي تي جهاز حادثي قوم لاءِ هڪ تمام وڏو سانح?? آهي، آئون انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو ??ظه??ر ڪريان ٿو ۽ ڏک جي ان گهڙي ۾ ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ شريڪ آ??يان، ان افسوسناڪ واقعي جي تحقيقات ۾ انصاف جون سموريون گهرجون پوريون ڪيون وينديون، حقيقتن ۽ تفصيلن کان عوام کي مڪمل طور تي آگاهه ڪيو ويندو، سول ايوي ايشن، پي آءِ اي، لاڳاپيل ادارن ۽ هوائي سفر سان جڙيل عمل ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظه??ر هن پنهنجي صدارت ۾ پي آءِ اي جي مسافر جهاز حادثي جي حوالي سان اعليٰ سطح جي بريفنگ جي موقعي تي ڪيو.