اسلام آباد – 27 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نش??يات بابت خاص م??دگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا وائرس جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ طبي سهولتون، سامان ۽ ڊاڪٽر موڪلڻ تي عظيم دوست چين جا ٿورا ادا ڪريون ٿا، چين جهڙي طرح بهترين نظم ۽ ضبط سان ان وبا ت?? ضابطو آندو اهو دنيا لاءِ هڪ مثال آهي، ڪرونا جي حوالي سان پاڪستان چيني ڊاڪٽرز جي علم، تجربي ۽ مهارت مان ڀرپور فائدو کڻندو.