اسلام آباد – 23 ??ار?? (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي اهو چوندي انتهائي فخر محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستاني قوم ڪنهن به مصيبت ۽ مشڪل جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن سال پاڪستان جو ڏهاڙو ملهائيندي اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن اسان هن آفت جو مقابلو ڪري سگهون جنهن پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي رکيو آهي. وزيراعظم عمران خان 23 ??ار?? جي موقعي تي قوم جي ??ال?? پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ سان ننڍي کنڊ پاڪ ۽ هند جي مسلمانن کي پنهنجي تهذيبي تشخص کي وڌائڻ، مذهبي آزادي ۽ ترقي جا برابر حق مليا جيڪي متحده ه??دس??ان جي هندو اڪثريت انهن کان سلب ڪرڻ پئي چاهيا.