اسلام آب??د – 22 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي هوائي اڏن تي مسافرن، سياحن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي، سياحت جي فروغ جي لاءِ اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مسافرن کي بهترين سهولتون يقيني بڻايون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??دارت ۾ هوابازي شعبي ج?? سڌارن جي ??والي سان جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي هوائي اڏن تي مسافرن، سياحن ۽ سمنڊ پار پاڪستانين جي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي، عالمي اڏامن ??ي وقت مسافرن کي ڊگهي انتظار کان بچائڻ جي لاءِ انهن وقتن ۾ وڌيڪ ڪائونٽرز آپريٽ ڪيا وڃن. هن چيو ته هوابازي شعبي ج?? هن سال جي ??يفٽي آڊٽ جلد مڪمل ڪئي وڃي، گذريل حڪومت جي ??ور ۾ هوابازي شعبي ج?? سڌارن جي لاءِ ايوي ايشن ايڪٽ منظور ڪرايو. وزيراعظم چيو ته ايوي ايشن ايڪٽ تحت سمورن پاليسي قدمن ۽ سڌارن جو لاڳو يقيني بڻايو وڃي، سياحت جي فروغ جي لاءِ اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي مسافرن کي بهترين سهولتون يقيني بڻايون وڃن، اسڪردو انٽرنيشنل ايئرپورٽ ۽ گلگت ايئرپورٽ جي ??وسيع جي ??والي سان هڪ ٺوس حڪمت عملي ج??ڙي وڃي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان سڌارن جي ڪري پاڪستان جو هوابازي شعبو صحيح رخ طرف گامزن آهي، آٽوميٽيڊ بارڊر ڪنٽرول سسٽم تحت خودڪار اميگريشن گيٽس هڻڻ سان مسافرن کي وڌيڪ سهولت ٿيندي. اجلاس کي هوابازي شعبي ج?? سڌارن جي ??والي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ گذريل حڪومت جي ??ور ۾ ايوي ايشن ايڪٽ 2023ع منظور ٿيو، ايوي ايشن ايڪٽ تحت شعبي ۾ وڏي پئماني تي سڌارن جو لاڳو جاري آهي. بريفنگ دوران اهو به ٻڌايو ويو ته ايڪٽ تحت ايئرپورٽ مئنيجمينٽ اٿارٽي ۽ سول ايوي ايشن کي جدا ڪري آپريٽر ۽ ريگيوليٽر جي فرضن جي ??هتر طريقي سان سرانجام ڏيڻ کي يقيني بڻايو پيو وڃي، سمورن نئين منصوبن ۽ قدمن جي ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن يقيني بڻائي پئي وڃي، لاهور ايئرپورٽ تي مسافرن جي ??هولت جي لاءِ ڪائونٽرز جي ??نگ ۾ اضافو ۽ انتظارگاهه ۾ توسيع ڪئي وئي آهي. بريفنگ دوران وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسڪردو ايئرپورٽ جي ??وسيع جي لاءِ جلد فزيبلٽي رپورٽ تي ڪم شروع ٿي ويندو، هوائي اڏن تي آٽوميٽيڊ بارڊر ڪنٽرول هڻڻ جي لاءِ اظهارِ دلچسپي ملي چڪا آهن. اجلاس کي سڄي ملڪ جي هوائي اڏن تي مسافرن جي ??هولت ۾ بهتري جي لاءِ کنيل قدمن ۽ پاڪستان ۾ سياحت جي لاءِ هوائي اڏن تي نجي ڪمپنين جي ??ڏامن جي ??والي سان پڻ تجويزون پيش ڪيون ويون. وزيراعظم انهن قدمن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ سان گڏوگڏ شفافيت جي ??نصر کي اهميت ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، اعظم نذير تارڙ، عبدالعليم خان، احد خان چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.