اسلام آباد – 09 – آ??سٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??متاز زهره بلوچ اسرائيلي ميڊيا ۾ شايع ٿيندڙ انهن رپورٽس جي ترديد ڪندي انهن کي بي بنياد قرار ڏنو آهي جن ۾ پاڪستان ??اران ايران جي حمايت جي لاءِ ممڪن طور ائٽمي هٿيار موڪلڻ جي عزم جو الزام هنيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ??نهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هڪ سوال جو جواب ڏيندي يروشلم پوسٽ جي 6 آ??سٽ جي ان رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تڪرار وڌي ٿو ته پاڪستان ايران کي شاهين ٿري وچولي فاصلي تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. ترجمان چيو ته اهڙيون خبرون ڪوڙيون آهن. هن چيو ته اهڙي طرح جي رپورٽس تي ڪو ڌيان ڏيڻ کان اڳ اهو ضروري آهي ته اهڙي بي بنياد رپورٽس جي پٺيان ??اخذ ۽ ان جي پٺيان ??وجود بدنيتي تي ٻڌل ايجنڊا تي غور ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته هي وچ اوڀر ۾ هڪ نازڪ وقت آهي، ان ??اءِ اسان ??يڊيا سميت سمورين ڌرين کي گذارش ڪريون ٿا ته اهي جعلي خبرن کي ڦهلائڻ ۾ ملوث نه ٿين.