اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان خطي ?? اسرائ??ل جي مسلسل مهم جوئي ۽ لبنان جي خلاف ٿيندڙ تازي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته بيروت ?? اسرائ??ل جي فوجي جارحيت لبنان جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتا?? زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چ??و ته شهري علائقن تي اهو حملو عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چ??و ته پاڪستان لبنان جي عوام سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل آهي ۽ ان جي امن ۽ سلامتي سان رهڻ ۽ ان جي خودمختياري جي حق جي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چ??و ته خودمختياري رياستن جي اندر ماڻهن کي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ عالمي اصولن جي خلاف ورزي آهي، اهو انڌاڌنڌ ۽ وڌندڙ اسرائيلي جارحيت جو هڪ ٻيو مظاهرو آهي جيڪو علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جي لاءِ مسلسل جاري آهي. هن چ??و ته خطي ?? اسرائ??ل جون تازه ترين ڪارروايون خطرناڪ آهن جيڪي وچ اوڀر ۾منصفاڻي ۽ پائيدار امن حاصل ڪرڻ جي ڪوششن کي نقصان پهچائي رهيون آهن، اسرائيل کي ان جي ڪاررواين جو جوابده ٿيڻ گهرجي، اسرائ??ل جي غيرملڪي ڪاررواين علائقائي سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ترجمان چ??و ته اسرائ??ل جي حامين کي گهرجي ته اهي خطي جي ملڪن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي جي خاتمي جي لاءِ اسرائيل تي پنهنجو اثررسوخ استعمال ڪن. هن چ??و ته تهران ۾ حماس جي سياسي بيورو جي سربراهه اسماعيل هانيه جو قتل اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ خطرناڪ ڇڪتاڻ جو هڪ عمل آهي جنهن سان امن جي ڪوششن کي نقصان پهتو آهي. ترجمان چ??و ته اسان ان جي گهرڀاتين ۽ فلسطيني عوام سان تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا، ان جي قاتلن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. هن چ??و ته اسرائيل آڪٽوبر 2023ع کان فلسطيني عوام جي خلاف دهشتگردي جي مهم شروع ڪري رکي آهي، اسان گڏيل قومن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها عالمي قانون جي پاسداري ڪري ۽ غزه جي ماڻهن جي نسل ڪشيءَ جو خاتمو ڪري. ترجمان چ??و ته پاڪستان فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ، ان جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي وارو شهر هجڻ سان گڏ فلسطين جي هڪ آزاد رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪري ٿو.