اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي)صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي، ته هيپاٽائيٽس عالمي سطح تي وڏو چئلينج آهي، هيپاٽائيٽس کان بچڻ ۽ ??ن جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. ايوان صدر پريس ونگ م??ن جاري ڪيل بيان ۾ صدر آصف علي زرداري هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي جاري پيغام ۾ چيو ته هيپاٽائيٽس هڪ خاموش قاتل آهي ڇاڪاڻ ته ان بيماري جون نشانيون ظاهر نه ٿيڻ سان ??ن جي ڦهلجڻ جو خطرو وڌي ويندو آهي، هيپاٽائيٽس ??بب عالمي سطح تي وڏي پئماني تي فوتگيون ٿي رهيون آهن. صدر ممل??ت چيو ته هيپاٽائيٽس سان اس??ن جي ملڪ ۾ صحت کي شديد خطرا لاحق آهن، پا??ستان ۾ هيپاٽائيٽس جي مريضن جي تعداد ۾ اضافي سان اس??ن جي صحت جي نظام تي بار پوي ??و، صحت جي ان مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ وسيع پئماني تي اسڪريننگ ۽ وقت تي سڃاڻپ جي ضرورت آهي. صدر ممل??ت چيو ته سڄي ملڪ ۾ احتياطي اپائن کي هٿي وٺرائي، اسڪريننگ، ٽيسٽنگ ۽ علاج جون سهولتون وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ۽ ان حوالي سان علاج جي اهميت جي باري ۾ ڄاڻ پيدا ڪرڻي پوندي، ان بيماري کان بچاءَ ۽ خاتمي لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. صدر مملڪت چيو ته ميڊيا، تعليمي ادارن، استادن ۽ سول سوسائٽي ذريعي هيپاٽائيٽس جي باري ۾ عوام کي ڄاڻ ڏيڻي پوندي، اچو ته گڏجي ملڪ کي هيپاٽائيٽس کان پا?? بڻايون.