اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان فلسطيني سياسي ڌڙن پاران بيجنگ ۾ ”اتحاد جي پڌرنامي“ جي آجيان ڪ??ي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ڪيو. هن بامقصد ڳالهين جي لاءِ فلسطيني سياسي ڌڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ چين جي ڪردار کي تسليم ڪندي ان کي ساراهيو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام خاص طور تي غزه ۾ جا??ي جنگي ڏوهن ۽ اس??ائيلي قابض فوج پاران عالمي قانونن جي واضح ??لاف ورزي جي ڏس ۾ فلسطيني عوام جي وچ ۾ اتحاد انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها غزه ۾ جا??ي غيرقانوني ۽ مسلسل جا??حيت جي خاتمي جي لاءِ فوري مداخلت ڪري. ترجمان چيو ته اس??ن فلسطيني عوام جي خودمختياري جي تسليم ٿيل حق حاصل ڪرڻ، انهن جي فلسطين ۾ واپسي جي حق ۽ القدس الشريف کي ان جي گادي واري شهر طور هڪ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو پڻ ورجاءُ ڪريون ٿا.