اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جو سياسي معاملن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله خان چيو آه?? ته وزيراعظم اسرائيلي اڳرائي جي ه?? فورم تي ڀرپور مذمت ڪئي آه??، فلسطينين جي امداد لاءِ هڪ هزار ٽن امدادي سامان روانو ??يو ويندو، اسرائيلي شين جي استعمال کي روڪڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آه??، مظلوم فلسطينين جي مدد ۽ انهن تي ظلم روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو اهو ڪنداسين. هو سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ تحرڪ لبيڪ پاڪستان جي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. راڻا ثناءُ الله چيو ته ٽي ايل پي فلسطين جي مظلوم مسلمانن ٿيل ڏاڍ تي احتجاج طور فيض آباد ۾ موجود آه??، ان سان اسان جون ڳالهيون ٿيون آه??، ٽي ايل پي جي امير حافظ سعد حسين رضوي جي قيادت ۾ فلسطين جي مظلوم مسلمانن جي امداد ۽ اسرائيلي اڳرائي جي ظلم بابت مطالبا هئا، حڪومت ان حوالي سان پنهنجون ڪوششون اڳ ئي جاري رکيو ويٺي ه??ي، انهن طرفان ڌيان ڏيارڻ سان ڪجهه معاملا سامهون آيا آه??، حڪومت فلسطين جي مسلمانن لاءِ ڪوششن نه رڳو جاري رکندي پر ان ۾ واڌ ڪئي ويندي. هن چيو ته هڪ هزار ٽن کان وڌيڪ امدادي سامان 31 جولاءِ کان پهرين فلسطين روانو ??يو ويندو. امدادي سامان ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ دوائون ۽ ميوا به شامل هوندا. هن چيو ته اسرائيلي وزيراعظم جنگي ڏوهن ۾ ملوث آه?? ۽ اسرائيل هڪ دهشتگرد رياست طور سامهون آيو آه??، اسان جو دني?? کان مطالبو آه?? ته ان کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ مسلمان امت ان حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ي. هن چيو ته وزيراعظم شنگهائي ڪانفرنس سميت هر فورم تي اسرائيلي اڳرائي جي ڀرپور مذمت ڪئي آه?? ۽ آئنده به هر فورم تي حڪومت ان جي مذمت جاري رکندي. هن چيو ته سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت اسرائيلي شيون جيڪي هن ڏاڍ ۽ ظلم ۾ مددگار ثابت ٿي رهيون هونديون انهن کي رو??يو ويندو. هن چيو ته ان حوالي سان اسان ڪميٽي به جوڙي ڇڏي آه??. تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ اسان جي وچ ۾ انهن سمورن معاملن تي تفصيل ڳالهه ٻولهه ٿي آه??، اسان ٽي ايل پي جي ان جذبي کي ساراهيون ٿا ۽ پوري سچي نيت ۽ ايماني واري جذبي سان ان تي عمل ڪنداسين. هن چيو ته مظلوم فلسطينين جي مدد ۽ انهن تي ٿيندڙ ظلمن کي روڪرائڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهيو اهو ڪنداسين، حڪومت زخمي فلسطينين کي دوائن جي فراهمي سميت اتي ڊاڪٽرز به موڪلڻ تي غور ڪندي ۽ ان ڳالهه جو جائزو ورتو ويندو ته اسان جي اسپتالن ۾ فلسطيني زخمين کي آڻي انهن جو علاج ??يو وڃي. اهڙي طرح فلسطيني شاگردن لاءِ به اسان جي تعليمي ادارن جا دروازا کليل آه??. هن چيو ته اسان عالمي دني?? کان مطالبو ڪريون ٿا ته فلسطين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪ??ي. هن چيو ته اسرائيلي اڳرائي جي مذمت سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو به اسان جي وچ ۾ ورجاءُ ٿيو آه?? ته ڊاڪٽر عافيه صديقي اسان جي ڀيڻ هڪ عرصي کان مصيبت ۾ ورتل آه??، ان حوالي سان اسان جون ڪوششون لاڀائتيون نه ٿي سگهيون، هڪ ملڪ جيڪو انساني حقن جون ڳالهيون ڪري ٿو ان کي ان معاملي تي به غور ڪرڻ گهرجي، اسان ڊاڪٽر عافيه صديقي جي آزادي لاءِ به وڌيڪ ڪوششون ڪنداسين.