اسلام آباد – 18 – جولائي (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم ??و شڪار فلسطيني نوجوان محمد بحر جي اسرائيلي فوج جي وحشي ڪتي جي ح??لي ۾ مارجڻ جي سخت مذمت ڪئي آهي. سماجي رابطي ??ي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهن??ي پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فلسطيني نوجوان محمد بحر ڊائون سنڊروم ۽ آٽزم ??و شڪار هو، اسرائيلي فوجين نوجوان تي ڪتي سان حملو ڪرايو ۽ ان کي مرڻ جي لاءِ ڇڏي ڏنو، ان اذيتناڪ واقعي کي بيان ڪرڻ جي لاءِ لفظ موجود نه آهن، الله تعاليٰ رحم فرمائي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهن??ي پوسٽ ۾ ڊان نيوز جي خبر جو حوالو ڏنو. خبر موجب ڊ??ئون سنڊروم ۽ آٽزم ??و شڪار 24 سالا فلسطيني نوجوان محمد بحر جي گهر تي اسرائيلي فورسز ڇاپو هنيو. ان دوران اسرائيلي فورسز جي وحشي ڪتي نوجوان تي ح??لو ڪيو ۽ ان کي ماري ڇڏيو.