راولپنڊي -17 جولاءِ (اي پي پي) بنون ڇانوڻي تي 15 جولاءِ تي دهشتگردن جي آپگهاتي حملي جي نتيجي ۾ شهادت جي عظيم رتبي تي پهتل پاڪ فوج جي جوانن کي پوري فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آء?? ا??س پي آر طرفان جاري پريس رليز مطابق ان واقعي ۾ نائب صوبيدار محمد شه??اد شهيد (عمر 44 سال، رهائش ضلع پونڇ آ??اد ڄمون ڪشمير)، ح??ال??ار ضلال حسين شهيد (عمر 39 سال، رهائش ضلع خوشاب)، ح??ال??ار شه??اد احمد شهيد (عمر 28 سال، رهائش ضلع نيلم آ??اد ڄمون ڪشمير)، سپاهي اشفاق حسين خان شهيد (عمر 30 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آ??اد ڄمون ڪشمير)، سپاهي سبحان مجيد شهيد (عمر 22 سال، رهائش ضلع مظفر آباد، آ??اد ڄمون ڪشمير)، سپاهي امتياز خان شهيد (عمر 30 سال، رهائش ضلع ڪرڪ)، سپاهي ارسلان اسلم شهيد (عمر 26 سال، رهائش ضلع بهاولپور) ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جو لانس نائيڪ سبز علي شهيد (عمر 34 سال، رهائش لڪي مروت) کي پنهنجن اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. شهيدن جي جنازه نماز ۽ تدفين ۾ پاڪ فوج جي س??نئر آفيسرن، جوانن، شهيدن جي وارثن ۽ علائقي جي معزز ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. مادر وطن مان دهشتگردي جي لعنت ۽ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي جنگ جاري رهندي. شهيدن جون هي عظيم ق??بانيون ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه وينديون.